بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي

بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي

بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي

بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي: پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي پھرين عورت ڊپٽي اسيپڪر بيگم اشرف عباسيءَ جو جنم 2 جنوري 1925ع تي لاڙڪاڻي شهر جي ڳوٺ ”وليد“ ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حڪيم سعيد خان عباسي هو، جيڪو نالي وارو حڪيم ۽ زميندار هو. پاڻ تيرنهن سالن جي عمر ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ (فرسٽ ڊويزن) پاس ڪري سنڌ ۾ پهريون نمبر کنيائين. هيءَ پهرين مسلم سنڌي خاتون هئي، جيڪا دهليءَ ۾ ميڊيڪل جي تعليم لاءِ وئي، پر ننڍيءَ عمر ۾ شادي ڪرڻ سبب دهليءَ ۾ تعليم مڪمل نه ڪري سگهي. سندس شادي 1943ع ۾ خان محمد عباسيءَ سان ٿي، جنھن کيس تعليم جاري رکڻ جي اجازت ڏني، جنھن کان پوءِ 1953ع ۾ ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ايم بي بي ايس پهرئين نمبر ۾ پاس ڪيائين. بيگم اشرف عباسي، هائوس جاب دوران شڪارپور جي مشهور ليڊي ڊاڪٽر سارا صديقيءَ جي هٿ هيٺ ڪم ڪيو. پنج سال سرڪاري ملازمت ڪرڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏيئي سياست ۾ شامل ٿي وئي ۽ ”اپوا“ توڙي ٻين ڪيترين عورت تنظيمن جي ميمبر رهي. هن کي سياست ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي آندو. 1962ع ۾ جڏهن سندس گھروارو خان محمد عباسي ٽرئفڪ حادثي ۾ فوت ٿيو ته هن جون ذميواريون وڌي ويون. ان جي باوجود 1962ع کان 1965ع تائين اولھه پاڪستان اسيمبليءَ جي ميمبر رهي، پر ترت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي. 1973ع کان 1977ع تائين سنڌ حڪومت طرفان کيس بلدياتي محڪمي جو قلمدان ڏنو ويو ۽ ان کانپوءِ 1988ع کان 1990ع تائين قومي اسيمبليءَ ۾ بطور پھرين عورت ڊپٽي اسپيڪر جي پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون. جمھوريت جي بحالي جي تحريڪ ۾ 17 مهينا جيل ۽ 17 مھينا گھر ۾ نظربند رهي. هن 89 سالن جي عمر ۾لاڙڪاڻي ۾ 04 آگسٽ 2014ع تي وفات ڪئي. کيس ٽن پٽن منور علي عباسي، اختر علي عباسي ۽ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جو اولاد آهي. سندس پٽن مان منور عباسي ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي سياست ۾ آهن. بيگم اشرف عباسيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ”هيڪليون هلن جي“ عنوان سان لکي، جيڪا سندس پٽ منور علي عباسيءَ 2005ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. جنھن جو اردو ترجمو ”اوراق زندگي“ جي نالي شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.01.02  عيسوي

بيگم اشرف عباسيءَ جو جنم 2 جنوري 1925ع تي لاڙڪاڻي شهر جي ڳوٺ ”وليد“ ۾ ٿيو.


  عيسوي


2014.08.04  عيسوي

بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي 04 آگسٽ 2014ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد سنڌي
درويش دائود 2
پيرزادو ميان عبدالرحمان
ڀارواڻي وشنداس
سيد شبير احمد شاهه
بطليموس
راجا توڏر مل
اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي
بهاءُ الدين بهائي
بيربل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون